عبدالستار ڀٽي

عبدالستار ڀٽي

عبدالستار ڀٽي

عبدالستار ڀٽي: ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار ڀٽيءَ جو پورو نالو عبالستار ولد قمر الدين آهي، هن لاڙڪاڻي ۾ 2 جنوري 1952ع تي جنم ورتو. پرائمري کان گريجوئيشن تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. 1992ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) جي ڊگري ورتائين. کيس ننڍپڻ کان وٺي لکڻ، پڙهڻ، اداڪاري ڪرڻ، تقريرن ڪرڻ، ڊبيٽن ۾ حصي وٺڻ ۽ سماجي ڪمن ۾ حصي وٺڻ سان دلچسپي رهي آهي. لاڙڪاڻي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو ضلعي صدر، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ضلعي صدر ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي لاڙڪاڻي جو پهريون صدر رهي چڪو آهي. 1975ع کان ڪراچي پورٽ قاسم اٿارٽيءَ ۾ ملازمت شروع ڪيائين، جتي اسسٽنٽ آفيسر پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ رهيو ۽ هن وقت ساڳئي اداري ۾ ڊائريڪٽر اسٽورس طور ڪم ڪري رهيو آهي. ”لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊميءَ“ جو صدر رهي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو هڪ ڀيرو سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا ضلعي رابطا سڪريٽري رهي چڪو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ جو ٽي سال صدر، ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ڪجهه وقت ڪلچرل ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. سندس هيٺيان لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ”لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي“ (1998ع)، (2) ”لاڙڪاڻو امر شخصيتون“ (2000ع)، (3) “Pir Hussain-ud-din Rashdi” آهن.


لفظ عبدالستار ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو